95

ڪراچي ۾ جاري طوفاني برسات جو سلسلو سڀاڻي شام تائين جاري رهڻ جو امڪان…

ڪراچي ۾ رات دير تائين جاري طوفاني برساتن سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويلن جو تعداد 6 ٿي ويو آهي،

برساتن جو پاڻي ملير،ماڊل ڪالوني، ناگن چورنگي، ڪورنگي، الياس ڳوٺ، جوهر بلاڪ 3 سميت ڪيتران ئي هيٺين علائقن جي ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي شهر جا اهم روڊ رستا پڻ تلائن جا منظر پيش ڪري رهيا آهن.

آءِ آءِ چندريگر روڊ تي پوسٽ آفيس لڳ هڪ کان ٻه فوٽ شاهراه فيصل تي ٻن کان ٽي فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، ٽيپو سلطان سنگنل کان بلوچ ڪالوني ۽ ڪارساز وڃڻ وارا رستا پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب ايمبولينسز سميت ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاٿل آهن،

شاهراه فيصل جي اسٽار گيٽ وٽ به پاڻي بيٺل هجڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪراچي ايئرپورٽ تي سڀ کان وڌيڪ 115 ملي ميٽر بارش رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي پاران اڄ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي اهي جڏهن ته بارشن جو سلسلو سڀاڻي شام تائين جاري رهڻ جا امڪان پڻ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں