89

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي مختلف علائقن جي دوري دوران اتان جي رهواسين کي يقين ڏياريو آهي ته برسات بيهندي ئي پاڻي جي نيڪالي شروع ٿي ويندي.

تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڄام صادق پل، ڪازوي ندي ۽ قيوم آباد جو دورو ڪيو ۽ ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ جي لاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير پل جي ٽڪري ۾ ڦاٿل 5 ماڻهن ۽ موٽر سائيڪل کي ڪڍڻ جي لاءِ ايدهي جون ٻيڙيون به گهرائي ورتيون. ان کان اڳ وڏي وزير ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو هو ۽ برسات سبب جمع ٿيل پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو هو. ان موقعي تي وزيراعليٰ چيو ته برسات بيهجندي ئي پاڻي جي نيڪالي شروع ٿي ويندي.

موسميات کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 150.6 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي جڏهن ته پهلوان ڳوٺ 111، مسرور بيس 110، بيس فيصل 121، گلشن حديد 49، نارٿ ڪراچي 78 ۽ صدر ۾ 86 ملي ميٽر برسات پئي. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته چوماسي جون برساتون ڏيڻ وارو سسٽم سمنڊ طرف مڙڻ شروع ٿي ويو آهي.

سسٽم جو وڏو حصو شهر جي هوائن ۾ موجود آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. چوماسي جي برساتن جا اثر اڄ رات تائين تيز برساتن جي شڪل ۾ برقرار رهي سگهن ٿا. سسٽم جي اثرن جي نتيجي ۾ سومر جي ٻنپهرن تائين تيز ۽ هلڪي برسات جو امڪان موجود آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں