86

وزيراعظم نئين جوڙيل ڪشمير ڪميٽي ۾ پنهنجي پُراڻي اتحادي کي به شامل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي ڪشمير بابت ڪميٽي ۾ واڌ، سراج الحق کي به شامل ڪيو ويو آهي.

پي ايم هائوس موجب وزيراعظم عمران خان پاران ڪشمير بابت جوڙيل ڪميٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ڪميٽي ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، صدر ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمير کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ جوڙي هئي، جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ ايس پي آر، پرڏيهي سيڪريٽري، اٽارني جنرل ۽ ٻيا شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں