90

قومي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس دوران لهرايل قومي جهنڊو ڪنهن ٺاهيو؟

رپورٽر نيوز مانيٽرنگ ڊيسڪ

قومي اسيمبلي ۾ ڦوڪڻ سان ٺاهيل پاڪستاني جهنڊي کي گنيز بوڪ آف صرلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن جو اعلان پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواني ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان هندو ڪائونسل پاران قومي اسيمبلي کي ڏنل منفرد تحفي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي،

ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواني گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنهنجي تقرير جي شروعات پاڪستان زنده آباد جي نعري سان ڪئي سندس چوڻ هو ته پارليامان جي ايوان ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو قومي جهنڊو لهرائڻ جو مقصد قومي يڪجهتي جي اهميت کي اڄاگر ڪرڻ آهي،

هڪ مقامي اخبار موجب ڊاڪٽر رميش ڪمار پنهنجي تقرير دوران نسٽ،ايئر يونيورسٽي،بحريه يونيورسٽين شاگردن شاگردياڻين جو خاص ٿورو مڃيو، هوڏانهن سوشل ميڊيا جي هڪ صارف عبدالقدوس پاران ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ايوان ۾ لهرائڻ لاءِ پاڪستان هندو ڪائونسل پاران سٺ هزار کان وڌيڪ ڦوڪڻا استعمال ڪري پاڪستان جو قومي جهنڊو ٺاهيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں