105

غوثپور لڳ تيزرفتار ڪوچ جو اڳيان ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽڪر،16 زخمي

اعجاز احمد رپوٽرنيوز غوثپور

غوثپور لڳ ڳوٺ ڳڙھي لاڙو وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار ڪوچ اڳيان ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي کي زوردار ٽڪر هڻي ڪڍيو جنهن سبب ٽريڪٽر ڪلٽيون کائي پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري پيو،

حادثي سبب ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سوار  عورتن ۽ ٻارڙن سميت سورهن ماڻھو زخمي ٿي پيا جن کي غوثپور اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ 6 عورتون۔ 3 ٻار ۽ 7 مرد شامل آھن۔ زخمين ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ رسالدار جي رھواسي آھن زخمين ۾ ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عادل ڪوچ جي ڊرائيور کي سوگھو ڪري ڪوچ کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں