103

امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي مٽياري نيو سعيد آباد پهتو

سترام داس رپورٽر نيو سعيد آباد

تازي برساتن بعد امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو  اوچتو نيو سعيد آباد جو دورو ڪيو ۽ ٽائون ڪاميٽي نيو سعيدآباد ۾ ھڪ اھم اجلاس جي صدارت ڪئي،

اجلاس ۾ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي حاجي عزيز احمد راھو، اسسٽنٽ  ڪمشنر سيد عمار حيدر رضوي، وائيس چيئر مين ٽائون ڪاميٽي حاجي لقمان راجپوت ٽائون آفيسر ذوالفقار مارفاڻي سول سوسائٽي جي اڳواڻن عبدالواحد عمراڻي وقار احمد لاکو  پبلڪ ھيلٿ جي آفيسرن ظفر سولنگي ياسين ڪيريو مختيار ڪار نويد احمد سپيو صحافين محمد قاسم قمبراڻي حسين ميمڻ عبدالجبار سولنگي قادر لاکو سترام داس صحبت سھيل سماجي اڳواڻن امتياز حسين ميمڻ عزيز احمد ميمڻ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس دوران امڪاني برسات جي پاڻي جي نيڪال لاء گڏيل طور تي ڪوشش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران برساتن ۽ ٻوڊ واري امڪاني صورتحال دوران تمام تر انتظامات مڪمل ڪرڻ جي هدايتون ڏنيون جڏهن ته ٽائون،ايريگيشن پبلڪ هيلٿ جي عملي جون تمام موڪلون رد ڪري کين ڊيوٽي تي حاضر رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں